راهوءَ جو آئٺو

راهوءَ جو آئٺو: هي ماڳ تعلقي قنبر جي ديهه ڪوهستان ۾ شهر قنبر کان 55 ڪلوميٽر اولهه طرف آهي، جتي هن وقت تقريباً 300 گهرن تي مشتمل ڳوٺ آباد آهي، جنهن جي آدمشماري اٽڪل 6000 آهي. هن ماڳ ۽ ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ سيتا جي ڏاٺ (ماڳ) ۽ اوڀر ۾ دارا جي ٽڪري آهي. ڪوهستاني لهجي آئٺو، زرخيز زمين کي چئبو آهي. هتي جابلو ڪاريون واهيون وهن ٿيون، جن مان قدرتي صاف پاڻي وهي ٿو. جنهن تي آبادي به ڪئي ويندي آهي. هن ماڳ تي اهو نالو، راهو گانئچي جي پٺيان پيو، جنهن ارغونن جي دؤر ۾ هتي ڳوٺ ٻَڌايو هو. هن ڳوٺ کان ڪجهه پنڌ تي کنجي نالي ندي وهي ٿي، مقامي ماڻهو ان نديءَ جو پاڻي ڳنڍا ڏئي، روڪي ان تي زرعي زمينون آباد ڪندا آهن. هتي ڪڻڪ، تماڪ، ٽماٽا، واڱڻ، گوبي ۽ ٻيا فصل پوکيا وڃن ٿا. ان کان سواءِ هتان جا ماڻهو ڀنگ به پوکيندا آهن. هتي گانئچا ۽ چانڊيا ذاتيون اڪثريت ۾ آباد آهن. ڪوهستاني علائقي سبب هتي ڪابه بنيادي سهوليت ميسر نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو